جعلي وڊيوز ۽ تصويرن کي روڪڻ لاءِ سوني جي نئين فون جو اهم فيچر

اليڪٽرانڪ ڊوائيسز، ڪيمرا، ٽي وي ۽ سمارٽ فون ٺاهيندڙ ملٽي نيشنل ڪمپني سوني جي نئين ايندڙ ”ايڪسپيريا“ سيريز ۾ جعلي تصويرن ۽ وڊيوز جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ڪيمرا ۾ اهم فيچر ڏيڻ جو امڪان آهي.
اطلاع آهن ته سوني پنهنجي موبائيل فون ”ايڪسپيريا ون سڪس“۽ سيريز جي ٻين فونز جي ڪيمرا ۾ ڊجيٽل سگنيچر جو فيچر پيش ڪندي.
هن وقت سوني جي متعارف ڪرايل نون ماڊلز جي ڊي ايس ايل آر ڪيمرا ۾ به ڊجيٽل سگنيچر جو فيچر ڏنو ويو آهي، جنهن تحت واهپيدار هر تصوير يا وڊيو ۾ پنهنجي خاص صحيح شامل ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب ڄاڻايل فيچر سان جعلي وڊيوز ۽ تصويرن جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته اهڙي طرح ڪا به تصوير يا وڊيو چوري به نه ٿي سگھندي.
امڪاني طور تي ڄاڻايل سگنيچر هر تصوير ۽ وڊيو تي پاڻمرادو اچي ويندي.
ڪمپني موجب موبائيل فون جي ڪيمرا ٽيڪنالوجي جي ٻين سيڪيورٽي فيچرز کي به اپڊيٽ ڪيو ويندو.
اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته سون پنهنجي ايڪسپيريا سيريز جا نوان فونز ڪڏهن متعارف ڪرائيندي، پر امڪاني طور تي انهن کي ايندڙ مهيني جي وچ ۾ پيـش ڪيو ويندو.
سوني جي موبائل فونز کي انهن جي ڪيمرا ٽيڪنالوجي سبب گھڻو پسند ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.