انٽرويو ۾ هن سوال جو جواب ڏئي سگهو ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مقابلو به سخت ٿيندو پيو وڃي. ڪمپنيون انٽرويو ۽ هائرنگ جا اهڙا جديد ۽ عجيب طريقا ڳولي رهيون آهن جو اميدوار به پريشان ٿي رهيا آهن.

سوشل ميڊيا تي اهڙن انٽرويوز مان هڪ اهڙو سوال وائرل ٿي رهيو آهي جنهن کي پڙهي ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ان جو جواب ڇا ٿي سگهي ٿو.

نگيت نالي هڪ انسٽاگرام اڪائونٽ تان نوڪري جي درخواست جو هڪ اسڪرين شات شيئر ڪيو ويو جيڪو وائرل ٿي ويو.

سوال اهو هو ته جيڪڏهن اوهان کي هڪ هاٿي ڏنو وڃي جنهن کي اوهان نه وڪڻي سگهو ٿا ۽ ڪنهن کي ڏئي سگهو ٿا ته اوهان ان جو ڇا ڪندا؟

هيل تائين ڪنهن کي سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو ته ان جو صحيح جواب ڇا هوندو، ان جي باوجود ڪجهه جواب ڏيڻ جي پنهنجي ڪوشش ڪئي.

هڪ واهپيدار لکيو ته سادڙو جواب آهي، مان هاٿي کي کڻي ويندس ۽ هڪ سرڪس ڳوليندس جيڪو ان کي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار هجي ۽ جڏهن منهنجو هاٿي استعمال ٿيندو ته مون کي پيسا ملندا. اهڙي ريت مان هاٿي مان آمدني حاصل ڪري سگهان ٿو.

هڪ واهپيدار لکيو ته مان ان هاٿي کي ڀارت وٺي ويندس ۽ ماڻهو چندو ڏيندا.

ٻئي واهپيدار لکيو ته مان هڪ فارم ويندس ۽ قدرتي ڀاڻ جو ڪاروبار ڪندس.

هڪ لکيو ته هاٿي جو انشرونس ڪرائي چڙيا گهر ۾ ڪرائي تي ڏيندس.

هڪ واهپيدار حد ڪري ڇڏي ۽ جواب ڏنو ته مان ان هاٿي مان جان ڇڏائيندس. ان کي پچائي کائي ويندس.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Nugget (@nugget)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.