ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هنڊي ۽ غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، مجموعي طور تي 4 ارب 28 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڏيهي پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي.
ايف آءِ اي جو غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ دائون جاري آهي.
هلندڙ سال ڪاررواين دوران 500 ڪيس داخل ڪري 711 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
هٿ ڪيل ڪرنسي ۾ 799060 آمريڪي ڊالر، 38 ڪروڙ کان وڌيڪ پرڏيهي ڪرنسي شامل آهي.
ڪرنسي ۾ 3 ارب 67 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا شامل آهن.