سعودي عرب ۾ ڪمائيندڙن لاءِ وڏي خوشخبري

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت پاران خانگي شعبي جي ملازمن جي حوالي سان اهم وضاحت سامهون آئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت چيو آهي ته خانگي شعبي جا ملازم هڪ ئي وقت ٻه ڪم ڪري سگھن ٿا.
سعودي عرب جي افرادي قوت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت جو پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي چوڻ هو ته هڪ ئي وقت ٻه نوڪريون ڪندڙن کي پنهنجي نوڪري جي معاهدي ۽ لاڳاپيل اداري جي پاليسي جي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي.
وزارت موجب جيڪڏهن خانگي شعبي جو ڪو به ملازم اهڙي تنظيم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ته هن کي پنهنجي تنظيمي پاليسي ۽ ملازمت جي معاهدي جي پابندي ڪرڻي پوندي.
ڪجهه ادارن طرفان پنهنجن ملازمن کي نوڪري دوران ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني ويندي.
پر وزارت پاران ان حوالي سان وضاحت سامهون ناهي آئي ته سعودي شهرين يا پرڏيهين لاءِ خانگي شعبي ۾ 2 ملازمتن جي اجازت آهي يا نه ۽ ان لاءِ ڪهڙا شرط لاڳو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.