نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ گذريل 2 ڏينهن ۾ ڳڙو ۽ وڄ ڪرڻ سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست گجرات ۾ آچر کان شروع ٿيل برسات دوران وڄ ڪرڻ ۽ ڳڙو پوڻ سبب گھٽ ۾ گھٽ 24 ماڻهو فوت ٿي ويا.
ان کانسواءِ اولهندي رياست گجرات ۾ خراب موسم سبب گھرن کي نقصان پهتو ۽ ڍور به مري ويا.
موسمياتي ماهرن موجب سياري جي موسم دوران گجرات ۾ طوفان غير معمولي آهن، اهو ئي سبب آهي جو شديد برسات هن سال به برسات گھڻن ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو.
ڀارتي ۾ هر سال ٻوڏ ۽ وڄ ڪرڻ سبب هزارين ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن. سائنسدان خبردار ڪري رهيا آهن ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ خطرناڪ موسمي تباهين ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي.
ڀارتي اختيارين موجب آچر کان رياست ۾ شروع ٿيل طوفاني برسات دوران فوتين جو انگ 24 ٿي ويو آهي جن مان 18 ڄڻا وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿيا.
ڀارت جي گھرو وزير اميت شاهه شهرين جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي مقامي اختيارين کي امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
Next Post
You might also like