اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هونڊا پاڪستان ۾ ڪاروبار جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي آزمائشي بنيادن تي اليڪٽر بائيڪ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۾ موٽرسائيڪلون ٺاهيندڙ ڪمپني هونڊا پاڪستان ۾ ڪاروبار جا 60 سال مڪمل ڪري ورتا.
ان موقعي کي يادگار بڻائڻ لاءِ هونڊا جي شيخوپورا فيڪٽري ۾ خاص تقريب رٿي وئي.جنهن ۾ هونڊا موٽر ڪمپني جي ايگزيڪٽو وائيس پريزيڊنٽ شنجي آيوما، چيف آفيسر موٽرسائيڪل اينڊ پراڊڪٽس ابي نورياڪي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي ابي نورياڪي چيو ته هونڊا شيون پاڪستان جي آبادي جي وڏي طبقي جي روز مرهه جو حصو بڻجي چڪيون آهن. هن هونڊا جي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل هونڊا اي بينلي آزمائشي بنيادن تي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو.
Next Post
You might also like