ايڊز هر منٽ ۾ هڪ حياتي ڳڙڪائي رهي آهي: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ ايڊز سبب فوتگين ۾ وڏي گھٽتائي اچي چڪي آهي پر اڃا به هر منٽ ۾ هڪ حياتي زيان ٿي رهي آهي.
ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ يو اين سيڪريٽري جنرل چيو ته 2004ع ۾ عروج کان پوءِ ايڊز بابت فوتگين ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي ۽ ايڇ آءِ وي جا نوان ڪيس 1980ع جي ڏهاڪي کان پوءِ سڀ کان گھٽ سطح تي آهن.
هن چيو ته پر ايڊز اڃا به هر منٽ ۾ هڪ حياتي ڳڙڪائي رهي آهي اسان 2030ع تائين ان خطري کي ختم ڪري سگھون ٿا ۽ اهو ضروري به آهي، پر ايڊز جي خاتمي جو رستو ڪميونٽيز مان ٿي گذرندو آهي يعني سماج ۾ بلڪل هيٺين سطح تي ان حوالي سان سرگرميون انجام ڏيڻ جي ضرورت آهي.
انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته ٿوري ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ زايڊز جي خلاف پروگرامن جي فنڊنگ لاءِ ساليانو 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي ۽ ايڊز شڪست ڏيڻ جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.