خوبصورت عورت پنهنجو اڌ بيڊ ڪرائي تي ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ هڪ عورت پنهنجو اڌ هنڌ ڪرائي تي ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي مهانگي هائوسنگ مارڪيٽ ٽورنٽو ۾ گهرن جا ڪرايا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ان صورتحال ۾ هڪ عورت پنهنجي بستر جو اڌ حصو ڪرائي تي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

ٽورنٽو ۾ ريئل استيٽ ايجنٽ انيا ايٽنگز فيس بڪ مارڪيت پليس تي شيئر ڪيل ان پوست کي پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ عورت 900 ڪينيڊين ڊالرز ماهوار تي اڌ بستر ڪرائي تي ڏيڻ چاهي ٿي.

پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ماستر بيد روم ۾ ڪنگ سائيز جو بيد سيئر ڪرڻ لاءِهڪ عورت روم ميٽ ڳولي رهي آهي.

انيا ايٽنگر ان پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ٽورنٽو جي رينٽل مارڪيٽ ان کان وڌيڪ خراب نٿي ٿي سگهي.

فيس بڪ تي ان پوسٽ سڀني جو ڌيان حاصل ڪيو ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Anya Ettinger (@aserealty)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.