ايشياتي ترقياتي بئنڪ جو اعلان، پاڪستان لاءِ سٺي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 18 ڪروڙ ڊالر قرض جو اعلان ڪري ڇڏيو، منصوبي سان 15 لک ماڻهن کي فائدو پهچندو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 18 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رقم پنجاب جي ٻن شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ تي خرچ ٿيندي، منصوبي سان 15 لک ماڻهن کي فائدو پهچندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته راولپنڊي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ بهاولپور ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي واڌ ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.