پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪي تاريخ جو نئون رڪارڊ قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اڱاري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي ۽ انڊيڪس ۾ تيزي ڏٺي وئي.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 60 هزار 845 تي پهچي ويو، ڪاروبار جي پڄاڻي 918 پوائنٽس واڌ سان رڪارڊ 60 هزار 730 تي ٿي.
بازار ۾ اڄ 77 ڪروڙ 96 لک شيئرز جا سودا طئي ٿيا، جن جي ماليت 26 ارب رپين کان وڌيڪ رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن مسلسل ٻئي ڏينهن 98 ارب رپيا وڌي 8 هزار 746 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.