فيض گنج ويجهو ٻن واهن کي ڌار ڌار گهارا

فيض گنج (ويب ڊيسڪ) فيض گنج ويجهو ٻن واهن کي ڌار ڌار گهارا پئجي ويا.

گهارن سبب ڪيترائي ڳوٺ توڻي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

فيض واهه کي ڳوٺ دين محمد مري وٽان ويهه فوٽ گهارو پئجي ويو، ڳوٺ دين محمد مري، مور راڄپر، ڇلڻ راڄپر، حريف راڄپر سميت ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو.

ڳوٺ موهيجا وٽان امن مائينر کي اوور ٽاپ ٿيڻ سب گهار پيو، گهاري سبب ڏهه کان مٿي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.