نوشهرو فيروز: نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن تي دريا خان مري ڦاتڪ وٽ نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.

30 ورهين جو شام لال عرف شلڻو پٽ ڪرمو سوچي بابا فريد ايڪسپريس ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.

دريا خان مري رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب فوتي جو لاش پڊ عيدن اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نوجوان دريا خان مري کان سکر ايڪسپريس ۾ روزگار سانگي وڃي رهيو هو ته ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.