اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي مالياتي ادارا مون کي ڪرنسي ڊي ويليوايشن جو دشمن سمجهن ٿا، اڄ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي اسحاق ڊار جي پاليسي سبب آهي.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي کي معاشي برائين جي ماءُ چوان ٿو، ڪردار آهن، جيڪي پنهنجي مفاد لاءِ ملڪ کي کربين رپين جو نقصان پهچائيندا آهن.
هن چيو ته مالياتي ادارن طرفان مون کي رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو دشمن سمجهيو ويندو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت مالياتي اداري جي مشوري تي ڊالر ڇڏيو ته ڏسو ڇا حال ٿيو، اسان جو قرض وڌي ويو، اسان کي گڏجي حل ڪڍڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته 16 مهينا معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو معاملو نه هو، اصل ايڪسچينج ريٽ اڄ به 244 رپيا آهي، معيشت جي تباهي جو سڀ کان وڏو ڪارڊ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي، اڄ ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ اسحاق ڊار جي پاليسي سبب آهي.
Prev Post
You might also like