پي ايس ايل 9: نسيم شاهه جا مطالبا وڌي ويا!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر بابت گذريل ڪيئي ڏينهن کان افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته هو پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان نه کيڏندو.
افواهه آهن ته پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان نه کيڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي جڏهن ته سندس پشاور زلمي سان معاهدو مڪمل ناهي ٿي سگهيو، پر اسلام آباد يونائيٽڊ نسيم سان اٽڪل سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن ۽ فرنچائز جو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان سندس عيوض ٽريڊ لاءِ رابطو جاري آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد يونائيٽڊ نسيم شاهه جي عيوض ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي ڪنهن به رانديگر سان ٽريڊ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جنهن تي ڪوئيٽا ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي آهي.
پاسي پاسي نسيم شاهه جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر جو ڪنهن به فرنچائز سان ڪو معاهدو ناهي ٿيو، مسئلو رڳو هاءِ ڊمانڊز جو آهي.
ذريعن ٻڌايو ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي حقيقت ان جي ابتڙ آهي، فاسٽ بالر جو ڪنهن به ٽيم سان حتمي معاهدو ناهي ٿيو، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ سان معاهدي واري خبر افواهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.