ليڪ ۾ ڪردار: سوشل ايپ پلي اسٽور تان هٽائي وئي، اوهان به ڊليٽ ڪريو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ ميسيج سان پيغام موڪلڻ ممڪن بڻائيندڙ هڪ اينڊرائيڊ ايپ کي واهپيدارن جي ڊيٽا تائين رسائي رکڻ جي ڪري گوگل پلي اسٽور تان هٽايو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واهپيدار سيڪيورٽي مسئلن کان بچڻ چاهين ٿا ته اهي هن ايپ کي ڊيليٽ ڪن.

نٿنگ چيٽ ايپ ٻن ڪمپنين نٿنگ ۽ سن برد سان ڀائيواري سان ٺاهي هئي جنهن جو مقصد واهپيدارن کي هاڪاري تجربو فراهم ڪرڻو آهي، هن جي ڪوڊنگ ۾ تحقيق بعد انڪشاف ٿيو ته هي ايپليڪيسن واهپيدارن لاءِ محفوظ ناهي.

نٿنگ جي ويب سائيٽ موجب نٿنگ اها پهرين موبائيل ڪمپني آهي جيڪا اينڊرائيد ۽ آءِ او ايس واهپيدارن وچ ۾ پيغام موڪلڻ جي مسئلي کي حل ڪري ٿي.

تيڪنالاجي ماهرن موجب سن برڊ، نٿنگ چيٽس محفوظ نه آهن جنهن ۾ ايڇ ٽي ٽي پي ايس به استعمال ناهي ڪيو ويندو. ايپ ۾ ڪريدينشيل سادي ٽيڪسٽ ۾ بيڪ اينڊ تي موڪليا ويندا آهن جيڪي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن کي سپورٽ ئي نٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.