غير قانوني پرڏيهين جي واپسي، گهرو وزارت سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت غير قانوني پرڏيهين جي سهولتڪارن لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي، غير قانوني پرڏيهين کي رهائشگاهه ۽ روزگار فراهم نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل هدايتن موجب غير قانوني پرڏيهين کي روزگار فراهم نه ڪيو وڃي، نه ئي رهائش ۽ ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي وڃي، ملازمت فراهم ڪندڙ شخص بابت ڄاڻ گهرو وزارت جي هيلپ لائن تي فراهم ڪئي وڃي.
پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي سياسي ۽ چونڊ سرگرمين ۾ ڪنهن به اميدوار جي مدد ڪرڻ يا فنڊنگ فراهم ڪرڻ غير قانوني آهي، اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ڪنهن به افغان شهري کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.