اهم خبر، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع پاڪستان ۾ نه ٿيندي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )ايشيا ڪپ کانپوءِ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي به پاڪستان کان ٻاهر شفٽ ڪرڻ يا هائبرڊ ماڊل تحت کيڏيو ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ميگا ايونٽ گڏيل عرب رياستن ( يو اي ايِ ) منتقل ڪيو ويندو يا ايشيا ڪپ جيان هائبرڊ ماڊل تحت کيڏيو ويندو جنهن ۾ ڀارت پنهنجون ميچون پاڪستان ۾ نه کيڏندو.
رپورٽ موجب، پاڪستان هن وقت چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جو ميزبان آهي، پر افواهه آهن ته آءِ سي سي ڪو متبادل منصوبو پيش ڪري سگهي ٿو ڇو ته ڀارتي سرڪار، سياسي ۽ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي.
ڀارتي سرڪار هلندڙ سال به پاڪستان ۾ شيڊيول ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٽورنامينٽ جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيون ويون هيون.
ان دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي تي زور ڏنو هو ته هو ساڻس چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي ميزباني جي حقن وارن معاهدن تي صحيحون ڪري.
پي سي بي جو موقف هو ته جيڪڏهن ڀارت سياسي ۽ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پي سي بي کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ٿيڻ گهرجي.
ٻئي پاسي پي سي بي جي انتهائي اعتماد جوڳي ذريعي خابرو اداري پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته آءِ سي سي پاڪستنا کي ٽورنامينٽ جو ميزبان قرار ڏنو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي اڃا تائين پي سي بي سان ميزباني جي اهم معاهدي تي صحيحون نه ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.