ناليواري اداڪارا ارمينا خان جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو.
انسٽاگرام تي اداڪارا ارمينا خان پنهنجي پيءَ جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر شيئر ڪئي.
هن پوسٽ ۾ لکيو ته مان پنهنجو پيءُ وڃائي ڇڏيو آهي، مهرباني ڪري ان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجو.
اداڪارا پنهنجي مرحوم والد لاءِ دعا ڪندي لکيو ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.
ارمينا خان پنهنجي پيءَ کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ”اسان ٻيهر ملنداسين“.
اهڙي پوسٽ کانپوءِ ساٿي فنڪارن، مداحن ۽ فالوئرز طرفان اداڪارا سان تعزيت جي اظهار جو سلسلو جاري آهي.
You might also like