عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ همايون دلاور اسپيشل جج سينٽرل ٽو مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي توشا خان ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج همايون دلاور کي اسلام آباد ۾ اسپيشل جج سينٽرل 2 طور مقرر ڪيو ويو آهي.
جج همايون دلاور جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته همايون دلاور کي 3 سالن لاءِ اسپيشل جج سينٽرل مقرر ڪيو ويو آهي، هو سڀاڻي کان فرض انجام ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيشل جج سينٽرل 2 لاءِ عدالتي ڪمرو جڊيشل ڪامپليڪس ۾ تيار ڪيو ويو آهي، همايون دلاور ايف آءِ اي ۽ سائبر ڪرائم بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.