عوام کي پيٽروليم شين جي اگهن بابت وڏي خوشخبري ملي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، روسي تيل جي في بيرل قيمت 60 ڊالرن کان به هيٺ اچي وئي آهي.
يورپي يونين طرفان روسي تيل جي 60 ڊالر في بيرل جي حد مقرر ڪئي وئي آهي پر مارڪيٽ ۾ روسي تيل جي قيمت مقرر حد کان به هيٺ هلي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي برينٽ جا سودا هڪ سيڪڙو گهٽتائي سان 80.58 ڊالر في بيرل، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا ٻه سيڪڙو گهٽتائي سان 75.54 ڊالر في بيرل تي ٿيا.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کي ڏسندي پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو حتمي اعلان وزيراعظم جي منظوري سان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته حڪومت 16 نومبر کان به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.