ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جا وڌيڪ اسپيل اچڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ تازي برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر وڌي وئي، موسميات کاتي موجب شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 18.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٿڌ اڃا وڌندي، شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 15 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڊسمبر ۾ به برسات جا هڪ کان ٻه اسپيل اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هن سال سياري جي شدت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like