موبائل فونز جي درآمد ۾ وڏي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ موبائل فونز جي درآمد ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ درآمدن جو ڪاٿو 47 ڪروڙ ڊالر رهيو.
ڳڻپ کاتي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين موبائل فونز جي درآمدن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان آڪٽوبر تائين موبائل فونز جي امپورٽس ۾ 107.91 سيڪڙو جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ موبائل درآمدن جو ڪاٿو 47 ڪروڙ ڊالر رهيو.
گذريل سال ان عرصي ۾ 22 ڪروڙ 60 لک 51 هزار ڊالرن جا موبائل فون گهرايا ويا، ڳڻپ کاتي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين برآمدن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته مالي سال جي 4 مهينن ۾ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ڊرآمدن ۾ 75.60 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي درآمدن جو ڪاٿو 60 ڪروڙ 68 لک 65 هزار ڊالر رهيو، گذريل سال ان عرصي ۾ درآمدون 34 ڪروڙ 56 لک ڊالر رهيون هيون.
جولاءِ کان آڪٽوبر تائين موبائلن جي سامان جي درآمدن ۾ 14.50 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ان عرصي ۾ 13 ڪروڙ 68 لک 73 هزار ڊالرن جو موبائلن جو سامان گهرايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.