ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه جي جاچ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، آر جي مال ۾ پبلڪ سيفٽي سسٽم، ايمرجنسي ايگزٽ موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
فائر بريگيڊ اختيارين سانحي جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آر جي مال ۾ پبلڪ سيفٽي سسٽم موجود نه هو، فائر سيفٽي فائٽنگ جو سامان ۽ ايمرجنسي ايگزٽس به موجود نه هئا.
رپورٽ موجب فائر بريگيڊ ڊپارٽمينٽ کي باهه لڳڻ جو اطلاع وقت سر نه ڏنو ويو، جڏهن فائر بريگيڊ پهتي ته 3 ۽ 4 ماڙ سڙي چڪيون هيون، فائر بريگيڊ پهتي سڄي مال ۾ دونهون ئي دونهون هو.
فائر بريگيڊ عملي کي باهه وسائڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، ڪي ايم سي، ريسڪيو 1122 ۽ پاڪ نيوي جي فائر ٽينڊر به آپريشن ۾ حصو ورتو.
جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سمير نالي شهري 6 لڳي 29 منٽن تي باهه لڳڻ جو اطلاع ڏنو، باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر بريگيڊ عملي آپريشن شروع ڪيو، فوري طور آپريشن ڪري هيٺ موجود سڀني 20 دڪانن کي محفوظ ڪيو ويو.
ٻي ماڙ تي سڀني 65 دڪانن ۽ آفيسن کي محفوظ ڪيو ويو، گرائونڊ ۽ پهرين ماڙ تي 210 دڪانن واري حصي کي به محفوظ بڻايو ويو، اتي موجود فوڊ ڪورٽ مڪمل طور سڙي وئي، 65 آفيسن تي ٻڌل ٽئين فلور جي وڏي حصي کي به محفوظ ڪيو ويو.
فائر بريگيڊ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چوٿين ماڙ تي 65 آفيسن مان وڏو حصو سڙي ويو، عمارت جي پنجين ۽ ڇهين ماڙ کي مڪمل طور تي محفوظ ڪيو ويو، باهه لڳڻ سان سڀني ماڙن تي دونهون ٿي ويو.
آفيسن ۾ ڦاٿل 45 ملازمن کي فائر فائٽنگ ٽيم در ڀڃي ڪڍيو، بي هوش ۽ زخمي حالت ۾ موجود ملازمن کي ايمرجنسي ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبي امداد دوران 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
فائر بريگيڊ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڦاٿل ماڻهن جو موت دونهين ۽ ساهه منجهڻ سبب ٿيو، هن وقت مالي نقصانن جو درست اندازو نٿو لڳائي سگهجي، فائر بريگيڊ کاتي جي وقت سر ڪارروائين سان ڪيترن ئي دڪانن جو سامان بچي ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like