عاليا ڀٽ جي به ” غيراخلاقي “ وڊيو وائرل

 

ممبئي ( ويب ڊيسڪ )بالي ووڊ حسينائن رشميڪا مندانا، ڪترينا ڪيف ۽ ڪاجول کانپوءِ هاڻ عاليا ڀٽ جي به ” ڊيپ فيڪ “ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان بالي ووڊ ستارا مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) ذريعي تيار ڪيل غيراخلاقي جعلي تصويرن ۽ وڊيوز جو شڪار ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ سڀ کان پهرين تامل فلمن جي مشهور اداڪارا رشميڪا مندانا جي اڻوڻندڙ ڊيپ فيڪ ( جعلي ) وڊيوز وائرل ٿي، پوءِ ڪترينا ڪيف جون جعلي تصويرون منظرِ عام تي آيون.

رشميڪا ۽ ڪترينا کانپوءِ  ڪاجول جي به جعلي وڊيو وائرل ٿي هئي، وڊيو ۾ ڪاجول ڪيمرا جي سامهون ڪپڙا مٽائيندي نظر اچي رهي آهي.

هاڻ مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ جي به ڊيپ فيڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا کي بولڊ لباس پهريل آهي ۽ فحش اشارا ڪري رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، وڊيو ۾ عاليا ڀٽ جو چهرو هٿرادو ذهانت واري فيچرز (ڊيپ فيڪ )  جو استعمال ڪري تبديل ڪيو ويو آهي.

ادڪارا جي ڊيپ فيڪ وڊيو کي سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي شيئر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اڃا تائين اِهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اِها وڊيو ڪهڙي عورت جي آهي.

ٻئي پاسي عاليا ڀٽ ۽ سندس مڙس رنبير ڪپر طرفان ڊيپ فيڪ وڊيو بابت ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.