سوشل ميڊيا تي وائرل تصوير ناريءَ جي قتل جو سبب بڻجي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪولئي پالس ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ڇوڪريءَ کي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڇوڪريءَ کي خاندان جي ماڻهن جي مشاورت تي قتل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مقتولا ۽ ان جي ٻي دوست جون ٻن ڇوڪرن سان گڏ تصويرون وائرل ٿيون هيون، ڇوڪريءَ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ مدد ۽ سهولتڪارن کي به قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ڊي ايس پي مسعود خان ٻڌايو ته ٻي ڇوڪري کي بچائڻ لاءِ مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڇوڪري عدالت ۾ بيان ڏنو ته سندس حياتي کي گهر ڀاتين کان ڪو خطرو ناهي، جنهن کانپوءِ کيس وارثن حوالي ڪيو ويو پر ٻئي ڇوڪرا اڃا تائين روپوش آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.