طوفاني برساتون، وِڄَ ڪِرڻ سبب 24 ڄڻا اجل جو شڪار

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست گجرات ۾ ٻن ڏينهن کان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات، طوفان ۽ ڪجهه علائقن ۾ ڳڙي جو سلسلو جاري آهي، ان دوران آسماني وِڄَ ڪِرڻ جي واقعن ۾ 24 ڄڻا فوت ۽ 23 ڄڻاي زخمي ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آسماني وِڄَ ڪرڻ جا واقعا گهڻي قدر ٻنين ۽ ميداني علائقن ۾ پيش آيا، جنهن جي نتيجي 24 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.
رياستي حڪومت آسماني وِڄَ ڪرڻ وارن واقعن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تيار ڪيل رپورٽ جي بنياد تي متاثرن جي مالي مدد ڪئي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گجرات رياست ۾ 24 ڪلاڪن دوران 144 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، طوفاني برساتن سبب ڪيئي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا جڏهن چوپائي مال کي به نقصان پهتو آهي.
ڀارتي موسميات کاتي طرفان گجرات جي ڪجهه علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گجرات ۾ آگسٽ 2020ع ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 14 ڄڻا جڏهن ته 2019ع 31 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، ٻنهي واقعن ۾ آسماني وِڄَ ڪرڻ جا واقعا به شامل هئا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.