پاڪستان ايل اين جي ڪارگو خريدي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايل اين جي ڪارگو خريدي ورتو، جيڪو سياري ۾ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
آمريڪي اخبار بلوم برگ طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جنوري لاءِ ايل اين جي ڪارگو خريد ورتو، پاڪستاني ڪمپني ايل اين جي لميٽيڊ اومان جي او ڪيو ٽريڊنگ کان ڪارگو خريد ڪيو آهي.
بلوم برگ چيو ته پاڪستان طرفان اهو ڪارگو 15 ڊالر 97 سينٽ في ايم ايم بي ٽي يو تي خريد ڪيو ويو، پاڪستان 8 ڪارگوز ڊگهي مدي جي معاهدن تحت 10 ڊالر 25 سينٽ کان 10 ڊالر 77 سينٽ ۾ معاهدو ڪيو هو.
آمريڪي اخبار ٻڌايو ته ايل اين جي ڪارگو سياري ۾ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو، ڪريڊٽ رسڪ سبب اسپاٽ ريٽ سان مهانگي ايل اين جي خريدي آهي.
روس يوڪرين تڪرار سبب پاڪستان کي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي خريدڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.