ڪراچي: ڪسٽم انٽيليجنس جي وڏي ڪارروائي، 27 ڪروڙ 50 لک رپين جي ٽيڪس چوري پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽم انٽيليجنس 27 ڪروڙ 50 لک رپين جي ٽيڪس چوري پڪڙي ورتي، انڊر انوائسنگ ذريعي کاڄرو تيل جي امپورٽ ۾ ٽيڪس بچايو ويو.
پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي انڊر انوائسنگ ذريعي 27 ڪروڙ 50 لک رپين جي ٽيڪس چوري پڪڙي ورتي.
دستاويز موجب انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي درآمد ۾ انڊر انوائسنگ ڪئي وئي، جنهن ذريعي کاڄرو تيل جي امپورٽ ۾ ٽيڪس بچايو ويو.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته فوڊ لنڪس انٽرنيشنل ڪراچي خلاف پاڪستان ڪسٽمز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
ڪسٽم اختيارين چيو ته نجي ڪمپني امپورٽڊ کاڄرو تيل لاءِ حواله هنڊي جو سهارو به ورتو پر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.