ڪويت سٽي ( ويب ڊيسڪ ) ڪويت سٽي جي اعليٰ ترين عدالت اڳوڻي بچاءَ ۽ گهرو وزير خالد الجراح الصباح کي فوجي فنڊن جي غلط استعمال جي الزام هيٺ ست سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪويت جي عدالت ساڳي ئي الزام تي اڳوڻي وزيراعظم شيخ جابر المبارڪ الصباح فنڊ واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
ڄاڻايل الزامن تي شيخ جابر 2019ع ۾ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ ائين سندس اٺ سالا وزارت عظميٰ جو دور ختم ٿي ويو هو، بچاءَ واري کي عهدو ڇڏڻو پيو هو.
ٻنهي اڳواڻن تي سوا 78 ڪروڙ ڊالر( 240 ملين دينار ) جا فوجي فنڊن جي غلط استعمال جو الزام هو پر ٻنهي کي 2022ع ۾ بري ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ فريادي ڌر جي درخواست تي ڪيس ٻيهر کوليو ويو هو.
ياد رهي ته ٻنهي اڳواڻن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو هو پر جوڳن ثبوتن جي روشني ۾ عدالت بچاءَ واري وزير کي ست سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي ۽ وزيراعطم کي گهوٻين واري رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.