اسرائيلي فوج جنگ بندي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسپتال تي حملو ڪيو

غزا(م ڊ) اسرائيل جي قابض فوج  جنگ بندي جي لاڳو ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اتر غزه پٽي ۾ انڊونشيا جي اسپتال تي حملو ڪيو جنهن جي  نتيجي ۾ هڪ عورت شهيد  ۽ٽي زخمي ٿي پيون، ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ صحت واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر منير البر شڪي ٻڌايو آهي ته اسرائيلي فوج ٽينڪن  سان انڊونشيا جي اسپتال جي ڪاهه ڪيو ۽اسپتال تي بم ڪرايا جنهن سبب اسپتال ۾ باهه لڳي ۽ دونهون ڀرجي ويو، البرش ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته انڊونشيا جي اسپتال ۾ قابض فوج الشفا اسپتال واري جنگي ڏوهه ورجائڻ جي تياري ڪري رهي آهي، انڊونشيا اسپتال ۾ اٽڪل 200 زخمي ۽ طبي عملي جا 25 ڪارڪن موجود هئا،قابض فوج بيت الاهيا ۾ واقع انڊونشيائي اسپتال  تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪڙو چاڙهي رکيو آهي ،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.