باهه لڳڻ کانپوءِ عمارت جي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي: اظفر مهيسر

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي باهه متاثر شاپنگ مال جو دورو پوليس جي جاچ ٽيم دورو ڪيو. ڊي آءِ جي  غلام اظفر مهيسر جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر ۽ ايس پي گلشن اياز حسين واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايس ايڇ او شاھراھ فيصل ۽ جاچ آفيسر ڪيس جي جاچ ٽيم کي بريفنگ ڏني. ڊي آءِ جي غلام اظفر مهيسر چيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ عمارت جي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي، عمارت کي خالي ڪري سيل ڪيو آهي، هن چيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي چيو ته واقعي ۾ مجرماڻي غفلت جي پاسي کي به ڏٺو پيو وڃي،  مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جاچ ميرٽ تي ٿيندي، 7 ڏينهن اندر ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي آگاهه ڪنداسين. رپورٽ پيش ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.