ميهڙ: پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 10 لک انعام رکيل ڏوهاري مارجي ويو

ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ڀرسان راڌڻ ٿاڻي جي حد نئون ڳوٺ روڊ تي پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ مبينا مقالبو ٿيو جنهن ۾ 10 لک انعام رکيل ڏوهاري جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ايس ايڇ او اي سيڪشن علي اصغر شاهه ٻڌايو تہ راڌڻ ميھڙ ۽ سي آء پوليس روپوش ڏوھارين جي اطلاع تي نئون ڳوٺ روڊ ٻيلي ۾ پھتي ته ڏوھارين سان مقابلو ٿيو جنهن دوران ڏوھاري مارجي ويو. جنهن جي سڃاڻپ ڪيٽي جتوئي واسي جبار چانڊيو طور ٿي آھي.
پوليس موجب ڏوھاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ ھڪ موٽرسائيڪل پڻ ھٿ ڪئي وئي آهي مارجي ويل ڏوھاري مٿان 10 لک روپيا انعام رکيل ھو.
پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڏوھاري دادو سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڦر، ڌاڙن، قتل سميت 48 ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل هو وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.