آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽ فاسٽ هوندي آهي، مزو ايندو: صائم ايوب پرجوش

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي دوري لاءِ قومي ٽيم ۾ چونڊيل نوجوان صائم ايوب چيو آهي ته آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽ فاسٽ هوندي آهي، اتي کيڏڻ ۾ مزو ايندو.
پريڪٽس سيشن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته آسٽريليا جي دوري لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان، منهنجي شروع کان اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم کي ميچ کٽرائڻ جي ڪوشش ڪيان ۽ ٽيم لاءِ ميچ ونر ثابت ٿيان، آسٽريليا لاءِ اسان جي سٺي تياري آهي.
هن چيو ته توهان جي اپروچ بي خوف هجڻ گهرجي پر توهان کي ڪنڊيشن جي لحاظ سان به کيڏڻو پوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن بالر حاوي هوندا آهن، ميچ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن.
سندس چوڻ هو ته مان هر فارميٽ ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان به ليجنڊري رانديگرن جيان بڻجي سگهان ٿو، پنهنجو ڪوچ پاڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
صائم ايوب چيو ته مان ڪڏهن آسٽريليا ۾ ناهيان کيڏيو پر اتي جي ڪرڪيٽ ڏٺي آهي، اتي تيز وڪيٽون آهن، ان ئي حساب سان اسان پريڪٽس ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.