5 هزارن جي نوٽ جي بندش: ناڻي واري نگران وزير واضح اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ ناڻي بابت نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ هلندو رهندو، ان تي پابندي نه لڳائي ويندي.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ شمشاد اختر چيو ته ڊي مينٽائيزيشن ڪو حل ناهي، 5 هزارن جو نوٽ حڪومت منهنجي درخواست تي جاري ڪيو هو، جڏهن مان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر هيس.
هن چيو جيڪڏهن اسان نوٽ کي ڊي مينٽائيزيشن ڪنداسين ته وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿي وينديون، جنهن ۾ پرنٽنگ سميت ٻيا معاملا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.