خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ويجهو ڪرم آباد اسٽاپ وٽ ٻه ڪوچون ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 نينگر ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا جڏهن ته عورتن سميت 33مسافر زخمي ٿي پيا.
قومي شاهراههه تي ٻه مسافر ڪوچ ٻي ڪوچ کي اوورٽيڪ ڪرڻ دوران ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نينگر ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا جڏهن ته 33 ڄڻا زخمي ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو.
فوتين جي سڃاڻپ نينگر محمد عمر، محمد فيضان ۽ مسمات راڻي طور ٿي.
زخمي مسافر ۾ غلام سڪينه،مائي تنوير بيبي، شهناز، شازيا، محمد نعيم، محمد وسيم، عادل ڀٽي، الله بچايو، يوسف، مهرين، عدنان، بانو بيگم ۽ ٻيا شامل آهن زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like