ٿرپارڪر ۾ وِڄَ ڪرڻ سبب پيءُ پٽ فوت، 70 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ پيل طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي وسڪاري دوران وڄ ڪرڻ سبب پيءُ ۽ پٽ فوت، ٻارڙي زخمي ۽ ۽ 70 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون.
گذريل رات کان اسلام ڪوٽ،مٺي، ڇاڇرو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳڙي سان گڏ برسات پئي جنهن سبب ٿر جي زمين تي برف ڄمي پئي ۽ ڌڙا ٺهي ويا کنوڻ ڪرڻ سبب انساني ۽ جانورن جون حياتيون زيان ٿي ويون.
ڇاڇري جي ڳوٺ وائوڙي دورا جي هاشم پاڙي ۾ ڪکائين جهوپڙي تي برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 70 ورهين جو پيرسن سليمان ۽ سندس پٽ 22 سالن جو پٽ رمضان فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 سالن جي نينگري ڪلثوم زخمي ٿي بيهوش ٿي پئي.
پيءُ پٽن ۽ زخمي نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ ڇاڇرو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران پيءُ ۽ پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ڪئي وئي.
ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي ڪلثوم بيهوشي واري حالت ۾ ڇاڇرو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
ٻي پاسي مختلف هنڌن تي وڄ ڪرڻ سبب جهنگ ۾ چرندڙ 70 ٻڪريون ۽ رِڍون پُڻ مري ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.