سنڌ جي وڏي وزير گورک هل پراجيڪٽ ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر گورک هل پراجيڪٽ ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ترجمان موجب وڏي وزير گورک هل جي فنڊن ۽ اثاثن جي استعمال جي حوالي سان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراجيڪٽ جي گاڏين، ريسارٽ ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ وڏيون بي ضابطگيون سامهون اچي رهيون آهن.
جسٽس مقبول چيو ته پراجيڪٽ جي گاڏين تي 18 ڊرائيور مقرر آهن پر اهي ڊيوٽي پرائيويٽ ماڻهن سان گڏ ڪندا آهن، گورک هل ريسارٽ ۾ 12 باورچي رکيا ويا آهن، ان باوجود پراجيڪٽ جي بهتري لاءِ ڪم نه پيو ٿئي، پراجيڪٽ ۾ 140 ملازم آهن پر ڪو به ڪم ناهي ڪندو.
هن گورک هل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي وضاحت ڏيڻ ۽ چيف سيڪريٽري کي پراجيڪٽ تي مڪمل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته گورک هل پراجيڪٽ فنڊ عوام جي تفريح ۽ سهولت لاءِ آهن، ڪجهه من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ نه، فنڊن جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.