ڪراچي (ويب ڊيسڪ) زرعي ترقياتي بينڪ پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
زرعي ترقياتي بينڪ پنهنجي 500 برانچز لاءِ 300 آفيسر ڀرتي ڪندو جنهن لاءِ زرعي گريجوئيٽس کانسواءِ مختلف شعبن ۾ ماستر دگري رکندڙ نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويندو.
ان کان اڳ آءِ جي پنجاب عثمان انور پنجاب پوليس ۾ 4 هزار ڪانسٽيبلز ڀرتي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. هن حتمي منظوري لاءِ سمري پنجاب حڪومت موڪلي ويندي.