اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف داخل ڪيس جي درخواست ڪاز لسٽ مان رد ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيسن جي ڪاز لسٽ ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽن کي غلط بيان ڪرڻ بابت جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف داخل ڪيس بابت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري عاطف علي جي اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست 28 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي هئي.
پر هاڻ عدالت داخل ڪيس جي درخواست ڪاز لسٽ مان رد ڪري ڇڏي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ موجب ان درخواست جي ٻڌڻي کي ڪينسل ڪري لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي.
قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست هاءِ ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان رد
Next Post
You might also like