اسحاق ڊار سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد، پ پ جو اعتراض

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽر اسحاق ڊار کي سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اسحاق ڊار جي سينيٽ ۾ قائد ايوان طور نامزدگي تي اعتراض ڪيو آهي.
ذريعن موجب پ پ سينيٽرن جو موقف آهي ته شهباز شريف وزيراعظم ناهي ته قائد ايوان اسحاق ڊار بدران ڪنهن ٻئي کي ٿيڻ گهرجي.
ذريعن موجب پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا کي سينيٽ ۾ حڪومتي چيف وهپ مقرر ڪيو ويو، سندس عهدو مملڪتي وزير برابر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.