يونيسڪو: ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان لاءِ اهم اعزاز

پيرس (ويب ڊيسڪ) يونيسڪو ۾ پاڪستان کي 2 سالن لاءِ ايگزيڪٽو بورڊ جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو آهي.
نگران پرڏيهي وزير موجب پاڪستان کي ايشيا پئسفڪ گروپ طرفان 2023-2025 جي مدي لاءِ يونيسڪو جي ايگزيڪٽو بورڊ جي وائيس چيئرمين طور تي ڳري حمايت سان چونڊيون ويو آهي.
پيرس ۾ ٿيل ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 58 رڪني ايگزيڪٽو بورڊ مان پاڪستان کي 38 جڏهن ته ڀارت کي 18 ووٽ مليا.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ايگزيڪٽو بورڊ جي ميمبرز ۽ يونيوسڪو جي سمورن ميمبر ملڪن پاران زبردست حمايت لاءِ سند ٿورائتو آهي، پاڪستان پنهنجون ذميواريون عزم، ساک، ايمانداراڻي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل احترام جي گھري احساس سان نڀائيندو.
پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان گڏيل قدرن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي دفاع لاءِ سڀني ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، ۽ يونيسڪو ۾ گڏيل مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪتب آڻيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.