لاهور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان قبيلائي اڳواڻن استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سان بلوچستان جي ترين قبيلي جي اڳواڻن ملاقات ڪئي.
ملاقات ڪندڙن ۾ سعد الله جان ترين، محب الله ترين، ريحانه حبيب جالب بلوچ شامل هئا، ان کانسواءِ ملاقات ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر سليم پٺاڻ به موجود هو.
قبيلائي اڳواڻن استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي ملڪ سعد الله ترين کي بلوچستان جو صدر، ريحانه حبيب بلوچ کي وومين ونگ بلوچستان جي صدر مقرر ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like