ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سياسي جماعتن چونڊ مهم به شروع ڪري ڇڏي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چترال ۾ خطاب ڪندي چيو ته هتان جي عوام جو مطالبو آهي ته آصفه ڀٽو زرداري هتان چونڊ وڙهي، ان لاءِ مان آصفه کي راضي ڪندس ته هوءَ چترال جي تڪ تان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي ۽ کٽي هتان جي عوام جي خدمت ڪري.
واضح رهي ته اين اي 1 چترال مان ماضي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ناني نصرت ڀٽو به ڪامياب ٿي هئي، هن هتان چونڊ وڙهي ۽ چترال جي عوام کيس دل کولي ووٽ ڏنا.
You might also like