بهاولنگر (ويب ڊيسڪ) بهاولنگر ۾ جوابدارن جو پيڇو ڪندي ايليٽ فورس جي تيز رفتار گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه جوان فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
بهاولنگر ۾ روجهان والي موڙ تي جوابدارن جو پيڇو ڪندڙ ايليٽ فورس جي تيز رفتاري گاڏي ڪوهيڙي سبب سم نالي ۾ ڪِري پئي.
حادثي ۾ ايليٽ فورس جا ٻه جوان فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ حواليدار محمد ڪاشف ۽ ڊرائيور ڪانسٽيبل رضوان شوڪت شامل آهن.
زخمي اهلڪار ڪانسٽيبل عبدالله طارق، محمود ۽ ماجد کي اسپتال نيو ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like