سنڌ جي نوجوان شاگرد برطانيا ۾ وڏو اعزاز ماڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي هڪ ٻئي نوجوان عالمي سطح تي وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
سنڌ سان واسطو رکندڙ مصطفيٰ کهڙي کي برمنگهم، يوڪي جي 4 يوٿ پوليس ۽ ڪرائم ڪمشنرز مان هڪ چونڊيو ويو آهي.
11هين درجي (يوڪي جي ميٽرڪ برابر امتحان) جي آخري سال جي شاگرد مصطفيٰ کهڙي برمنگهم، يوڪي جي 4 يوٿ پوليس ۽ ڪرائم ڪمشنرز مان هڪ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.
سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ مصطفيٰ کهڙو پهريون سنڌي آهي، جنهن اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.