”ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ عماد نه هوندو ته پاڪستان جو نقصان ٿيندو”

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف عماد وسيم کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو سڀ کان سٺو اسپن بالر قرار ڏيندي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.

سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ راشد لطيف چيو ته عماد کي رٽائرمينٽ وارو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، پاڪستان ٽيم جو سڀ کان سٺو اسپن بالر عماد ئي آهي ۽ بيٽنگ ۾ به تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته ورلڊ ڪپ جيڪڏهن ٽيم جو سڀ کان ڪارائتو رانديگر نه هوندو ته ان عماد جو نه پاڪستان جو نقصان ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ کي مخاطب ڪندي راشد لطيف جو چوڻ آهي ته کيس گهرجي ته هو عماد کي واپس آڻي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عماد ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان ڌار ٿي وڃي پر پاڪستان ٽيم لاءِ هر وقت موجود هئڻ گهرجي.

ياد رهي ته پاڪستان آل رائونڊر عماد وسيم طرفان گذريل ڏينهن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي اعلان ڪيو هو.

عماد وسيم 2015ع ۾ پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو، هن 55 ون ڊي ۽ 66 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي مجموعي طور 109 وڪيٽون ۽ 1472 رنسون اسڪور ڪيون.

عماد وسيم 2017ع واري چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ واري ٽيم جو حصو رهيو، ان کانسواءِ هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016ع ون ڊي ورلڊ ڪپ 2019 ۽ 2021 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي الوداعي پيغام عماد وسيم لکيو پاڪستان لاءِ 121 ميچون سندس خواب جي ساڀيان هئي.

هن چيو ته هو گذريل ڪيئي ڏينهن کان پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر بابت سوچ ويچار ڪري رهو ته هي رٽائرمينٽ جو صحيح وقت آهي.

عماد وسيم پنهنجي آخري ون ڊي ميچ نومبر، 2020ع ۾ کيڏي هئي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هو پاڪستان مان سال 2021ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٻاهر ٿي ويو، ان عرصي دوران ليفٽ آرم آف اسپنر محمد نواز پاڪستان ٽيم جو مستقل حصو بڻجي ويو هو ۽ عماد وسيم لاءِ ڊگهي عرصي تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا دروزا بند رهيا، کيس هلندڙ سال جي شروع ۾ پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ کانپوءِ نيوزيلينڊ ۽ اففانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو.

عماد وسيم ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪيئي ڀيرا ان خواهش جو اظهار ڪري چڪو هو ته هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيا آهي ۽ عالمي ڪپ لاءِ دستياب هوندو، پر عالمي ڪپ لاءِ هڪ ڀيرو وري محمد نواز ٽيم ۾ جاءِ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو، عماد وسيم ورلڊ ڪپ دوران نجي ٽي وي چئنل سان تجزيي نگار طور سلهاڙيل رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.