ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سڄي صوبي جي ڪمرشل ۽ سرڪاري عمارتن جي سيفٽي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير سڄي صوبي جي ڪمرشل ۽ سرڪاري عمارتن ۾ باهه جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي سڀني ڪمرشل ۽ سرڪاري عمارتن جي سيفٽي آڊت جي هدايت ڏني، جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جي سيڪيورٽي آڊٽ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.
هن چيو ته سيڪيورٽي آڊٽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سول ڊفينس، پي ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ٽائونز گڏجي ڪم ڪندا.
نگران وڏي وزير هر عمارت ۾ باهه وسائڻ جو سامان هجڻ يا نه هجڻ جي حوالي سان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سندس چوڻ هو ته سڀني عمارتن جي سيڪيورٽي آڊٽ 30 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ ڏني وڃي، فائر فائيٽنگ جو سسٽم مختلف شهرن ۾ ڪيئن ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي به رپورٽ ڏني وڃي.
Next Post
You might also like