پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي بابت اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي بابت حڪومت نئون طريقو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه 15 ڏينهن بدران 7 ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي.
ان سلسلي ۾ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت لاءِ خط جاري ڪيو ويو آهي، نئين پلان لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کان 5 ڏينهن ۾ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن.
هوڏانهن آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن اهو پلان رد ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته هر هفتي پيٽروليم شين جا اگهه مقرر نٿا ڪري سگهجن، اسان 15 ڏينهن بدران 30 ڏينهن تي اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
هن چيو ته هر هفتي پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ سان پمپ تباهه ٿي ويندا، اهڙا فيصلا نه ڪيا وڃن، جنهن سان مسئلا پيدا ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.