اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر بيوٽي پارلر ۾ ڇاپي دوران عورت تي تشدد جي واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ايس ايس پي آپريسنز متاثر عورت سان ملاقات بعد جاچ آفيسر کي فوري طور معطل ڪندي معاملي جي جاچ ڊي پي او صدر کي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
متاثر عورت الزام لڳايو ته مون کي خبر نه هئي ته بيوٽي پارلر غيرقانوني سرگرمين م ملوث آهي، پارلر ويس ته جهيڙي جا آواز آيا، پوليس جي پنج اهلڪارن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو، منهنجي خلاف ڪو ڪيس نه هو، مون تي ڪو الزام نه هو.
ٻئي پاسي ڇاپو هڻندڙ اي ايس آءِ اسحاق چوڌري چيو ته عورت کي پارلر مان گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.