دنيا ۾ 89 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ٻن ايجنسيز پاران عورتن ۽ ڇوڪرين جي صنفي قتل جي حوالي سان لڳايل ڪاٿي موجب 2022ع ۾ سڄي دنيا ۾ تقريبن 89 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاني واڻي قتل ڪيو ويو جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن دوران هڪ سال ۾ قتل ڪيل ڇوڪرين جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي.
رپورٽ موجب گھڻين عورتن ۽ ڇوڪرين کي صنفي بنيادن تي قتل ڪيو ويو، 2022ع ۾ ڄاڻي واڻي قتل ڪيل عورتن ۽ ڇوڪرين مان 55 سيڪڙو (تقريبن 48 هزار 800) کي ويجهن ساٿين يا خاندان جي ٻين فردن قتل ڪيو، ان لحاظ سان سراسري طور تي روز 133 کان وڌيڪ عورتن يا ڇوڪرين کي سندن پنهنجي ئي خاندان جي ڪنهن فرد قتل ڪيو.
اها رپورٽ عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي عاملي ڏينهن کان اڳ جاري ڪئي وئي آهي.
يو اين وومين گڏيل قومن جو ادارو آهي جيڪو صنفي اڻبرابر ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي ۽ پنهنجي پيغام ۾ اداري عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو آهي.
يو اين وومين پاران جاري ڪيل هڪ ٻي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عورتن جي خلاف تشدد جي روڪٿام لاءِ فنڊز جي شديد کوٽ آهي، 2022ع ۾ سڄي دنيا جي ملڪن پرڏيهي ملڪن جي سهڪار جي مد ۾ 204 ارب ڊالر خرچ ڪيا ۽ ان رقم مان هڪ سيڪڙو جو به پنجون حصو عورتن تي جنس تي ٻڌل تشدد جي روڪٿام تي خرچ ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي فنڊنگ مان صنفي بنياد تي تشدد ۾ گھٽتائي لاءِ رڳو 0.2 سيڪڙو رقم خرچ ڪئي ويندي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2018-2023 دوران پنجن سالن جي عرصي ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته عطيه ڏيندڙن جنس تي ٻڌل تشدد جي روڪٿام لاءِ ساليانو سراسري طور 41 ڪروڙ ڊالر ۽ پنجن سالن جي عرصي ۾ گڏيل طور تي 2.06 ارب ڊالر رقم جي ان مد ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي، رپورٽ ۾ زور ڏنو ويو ته اها فنڊنگ في الحال اعليٰ معيار، شاهدين تي ٻڌل روڪٿام جي پروگرام ۽ پاليسي سازي لاءِ ناڪافي آهي جنهن جو اثر سڄي آبادي تي پوندو.
پرڏيهي ملڪ جي سهڪار جي مد ۾ مختص رقم جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ صنفي بنيادن تي تشدد جي روڪٿام جو شعبو عطيو ڪندڙن ملڪن جي ترجيح ناهي، رڳو 2021ع ۾ صحت کاتي تي 14.38 ارب ڊالر، تعليم تي 10.12 ارب ڊالر، سماجي تحفظ تي 1.84 ارب ڊالر ۽ ماحولياتي تحفظ تي 4.14 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا.
اها رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن دنيا صنفي بنياد تي تشدد جي روڪٿام لاءِ 16 ڏينهن جي سرگرمين جي شروعات ڪري رهي آهي ۽ 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران شروع ڪيل مهم تحت عطيو ڏيندڙن کان عورتن ۽ ڇوڪرين جي خلاف تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪيل قدمن ۾ سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
يو اين وومينز جينڊر سنيپ شاٽ 2023ع جي رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته هر سال 24 ڪروڙ 50 لک عورتن ۽ ڇوڪرين کي سندن ويجها ماڻهو يا مائٽ جسماني يا جنسي تشدد جو نشانو بڻائين ٿا ۽ انهن مان 86 سيڪڙو عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿيو جتي کين تشدد کان بچاءَ لاءِ ڪو خاص قانوني تحفظ يا ڊيٽا دستياب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.